سخن ولايت

بينر

سانئڻ زهرا سلام الله عليها جي وصيت

اليڪٽرانڪ(اي ميل) ڇاپيو پي ڊي ايف
gggمعصومين عليهم السلام جي حديثن ۽ وري اهل سنت جي روايتن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته الله  جي رسول جي نياڻي سانئڻ زهرا سلام الله عليها جا مختلف موضوعن ڪري ٽي جدا جدا وصيت ناما آهن.
آخري ڀيرو اپ ڊيٽ ٿيو سومر, 25 جُلاءِ 2011 09:46 وڌيڪ پڙهو...

سا ئڻ زهراء (س) جي نوراني خطبي جا ڪجهه املهه جملا

اليڪٽرانڪ(اي ميل) ڇاپيو پي ڊي ايف
syedah_zahra

پالڻهار جي اڻ کٽ نعمتن ۽ احسانن جو شڪريو ادا ڪيان ٿي جنهن پنهنجي رحمت سان منهنجي بابي کي مخلوقات لاءِ پنهنجو رسول بڻائي موڪليو ۽ ان کي زميني ۽ آسماني علوم سان نوازيو.پاڻ سڳورن پنهنجي رسالت کي سهڻي نموني سان پورو ڪيو ۽ اهي ئي خدا طرفان تمام مخلوقات مان چونڊيل آهن.


اي انسانو!!!! مان فاطمه محمد جي نياڻي آهيان.توهان منهنجي زبان مان سچ ئي ٻڌو آهي،توهان ڏانهن منهنجي بابي کي موڪليو ويو جنهن توهان تي بيشمار احسان ڪيا ۽ شيطانن کي گونگو ڪيو ۽ اسانجي ئي صدقي جنهنجي حق ۾ تطهير واري آيت نازل ٿي ۽ وري اسلام جي تڪميل ٿي.اگر توهان رسول خدا جي حسب ۽ نسب کي ياد ڪريو ته اهو منهنجو بابو آهي نه ڪي توهانجو ،مان اڪيلي ئي هن جي نياڻي آهيان نه ڪي توهان جون نياڻيون هن جون نياڻيون، منهنجو شوهر(علي)ئي هن جو ڀاءُ آهي نه ڪي توهان هن جا ڀاءُ آهيو!

هاڻ قيامت جي ڏهاڙي لاءِ توهان وٽ ڪو بهانو باقي ڪونهي رهيو،کسيو منهنجو حق،لڪايو ان شئ کي جيڪا توهان جي نامه اعمالن کي ڌوئي ڇڏيندي ۽ توهان جي پيرن کي زخمي ڪرڻ واري آهي جيسيتائين هي جهان باقي آهي ۽ جنهن جو صلو ٻرندڙ باهه آهي جيڪا انهن ماڻهن لاءِ بند ڪري رکي وئي آهي، مان ان جي نياڻي آهيان جيڪو توهان کي ايندڙ تمام عذابن کان ڊيڄاڻيندڙ هو بس توهان به ڄاڻيو اسين به ڄاڻيون ٿا ۽ توهان به منتظر رهو اسين به انتظار ڪري رهيا آهيون.

آخري ڀيرو اپ ڊيٽ ٿيو جمعو, 22 جُلاءِ 2011 06:29

Dedicated Cloud Hosting for your business with Joomla ready to go. Launch your online home with CloudAccess.net.